سجدو اداس آ

سجدو اداس آ

سجدو اداس آ

سجدو اداس آ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري استاد شاعر پيرل قنبر جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ حمد، نعت، غزل، گيت، نظم، ڪافيون، وايون ۽ چوسٽا شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري شاعر تاجل بيوسپيرل قنبر جي روح جو آبشار‘ جي سري سان لکيو آهي. جڏهن ته نامور شاعرن راشد مورائي، سرمد چانڊيو، عبدالغفار تبسم، مولابخش سومري، جنيد سومري، ڪوڙل قربدار ۽ ٻين جا رايا پڻ شامل آهن.
ڪتاب ۾ استاد پيرل قمبر ۽ سندس خاندان جون يادگار تصويرون پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ’پيرل قمبر ادبي سنگت‘ جي مرڪزي صدر سيد عبدالله شاهه، اطهر لکيو آهي. هيءُ ڪتاب گهڻو تڻو غزل تي آڌاريل آهي.
256 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي ڪچي جلد جي قيمت 130 ۽ پڪي جلد جي قيمت 200 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب پيرل قنبر ادبي سنگت شهدادڪوٽ پاران نومبر 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو